عمرڪوٽ: هرڻ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، ٻه جوابدار گرفتار
عمر ڪوٽ ويجهو سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري ناياب نسل جا پنج هرڻ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ماکيارو اسٽاپ وٽ سي آءِ اي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ناياب نسل جا پنج هرڻ هٿ ڪري ورتا. سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران هرڻ اسمگل ڪندڙن ٻن جوابدارن محمد اڪرم قريشي ۽ علي حيدر راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو. سي آءِ اي پوليس هٿ ڪيل ناياب نسل جا پنج هرڻ جهنگلي جيوت کاتي حوالي ڪيا ويا آهن.