تازه ترين
وزيراعظم شهباز شريف جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان گڏ نيوز ڪانفرنس

ايراني صدر سان ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا ۽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ شروع ٿي ته ايراني صدر فون ڪري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني عوام لاءِ جذبن ۽ احساسن تي ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جا ٿورائتا آهيون، ايران کي ٻيو گهر سمجهون ٿا، دوري دوران دلي سڪون مليو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان گڏ نيوز ڪانفرنس، ايراني صدر مسعود پزشڪيان چوي ٿو، وزيراعظم شهباز شريف کي ايران پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياست، معيشت ۽ عالمي لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾تعاون تي ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪستان برادر ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جا ڏهاڪن تي ٻڌل ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، او آءِ سي جي پليٽ فارم تي ٻنهي ملڪن جو موقف ساڳيو آهي

خبرون