تازه ترين
آمريڪا جو پاڪستان ۽ ڀارت  کان تڪرار جو ذميواراڻو حل ڳولڻ جو مطالبو

آمريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت کان تڪرار جو ذميواراڻو حل ڳولڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اربع ڏينهن ڀارتي هم منصب جئي شنڪر ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪيو. هن چيو ته رابطي دوران پرڏيهي وزير روبيو ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو ته هو هڪ ذميواراڻو حل ڪڍن، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي لاءِ امن ۽ علائقائي استحڪام کي برقرار رکي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا مختلف سطحن تي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن سان رابطي ۾ آهي.

خبرون