تازه ترين
اميد آهي ته، پهلگام حملي تي ڀارت جو ردعمل علائقائي تڪرار جو سبب نه بڻجندو: آمريڪي نائب صدر

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته واشنگٽن کي اميد آهي ته والاريل ڪشمير ۾ تازي حملي تي ڀارت جو ردعمل علائقائي تڪرار جو سبب نه بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو ته اميد آهي ته ڀارت هن دهشتگرد حملي جو جواب اهڙي طريقي سان ڏيندو جنهن سان وسيع علائقائي ۾ تڪرار پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اميد ڪيون ٿا ته پاڪستان جيترو ذميوار ملڪ آهي، ڀارت سان سهڪار ڪندو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته دهشتگرد، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن انهن جي سرزمين تان ڪم ڪن ٿا، انهن کي منهن ڏئي سگهجي.

خبرون